ٿامس ايڊيسن

ٿامس ايڊيسن

ٿامس ايڊيسن

ٿامس ايڊيسن (1847-1931 ):19 صديءَ جو آمريڪي سائنسدان ٿامس الوا ايڊيسن ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، ڇو ته اسان روز مرهه زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون استعمال ڪريون ٿا، جيڪي سندس جوڙيل آهن. برقي پيغام رسائيندڙ ٽرانسميٽر، فونو گراف، سئنيما جو فلم پروجيڪٽر، بجليءَ جو موٽر ۽ بلب جهڙيون اهم ايجادون ايڊيسن هٿان ئي ٿيون. ٿامس فونوگراف ايڊيسن، 11 فيبروري 1847ع تي ميلان شهر ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي پيءُ ماءُ جو ستون نمبر اولاد هو. ٿامس ايڊيسن کي پنهنجي بي پناهه صلاحيتن، ذاتي همت، مستقل مزاجيءَ ۽ تجرباتي سائنس سان بيحد لڳاءَ هو، جنهن کيس پنهنجي دؤر ۾ مڃتا جي اهڙي بُلند مقام تي رسايو، جيڪو تمام گھٽ ماڻهن کي ملي سگھيو آهي. اسان جي سڌريل سماج ۽ جديد تهذيب کي سنوارڻ ۽ سجائڻ ۾ ٿامس ايڊيسن جو وڏو هٿ آهي. چيو ويندو آهي ته بجليءَ واري بيٽري تيار ڪرڻ لاءِ ايڊيسن ڏهه هزار شين کي ملايو، پر اهي ڪيميائي طور درست ثابت ٿي نه سگھيون. پوءِ به هو مسلسل محنت ۽ جدوجهد ڪندو رهيو. ٿامس ايڊيسن کي ننڍپڻ کان ئي تجربن ڪرڻ جو شوق هو ۽ هو هر شيءِ جي انت تي رسڻ چاهيندو هو. ايڊيسن کي اهو اعتماد، مستقل مزاجي ۽ حد کان وڌيڪ ڪم جي قوت پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي.
هُن ٻين ايجادن سان گڏ هڪ ڪامياب فوٽوگراف ۽ ڪاربن ٽيليگراف پڻ ٺاهيو. ايڊيسن کي محنت جو اجورو جلد ئي ملي ويو. هڪ واپاريءَ سندس ايجاد ڪيل شيون چاليهه هزار ڊالرن ۾ خريد ڪري ورتيون. اها رقم هن جي وهم ۽ گمان کان به وڌيڪ هئي. هو ڏينهن رات انهن خيالن ۾ غرق رهندو هو. هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ٿورو وقت شادي ڪرڻ لاءِ ڪڍيو، پوءِ کيس ٻه ٻار پيدا ٿيا، جن کي هو برقي تار واري ٻولي ۾ ”ڊاٽ“ ۽ ”ڊيش“ سڏيندو هو. جڏهن به ڪا گھڙي واندي ملندي هئس ته ايڊيسن ٻارن سان گھر ۾ قسمين قسمين رانديون کيڏندو هو ۽ سمورو وقت ساڻن گڏ گذاريندو هو. جڏهن ايڊيسن بجليءَ جو بلب جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ هن جي گھر واري دل جي بيماريءَ سبب گذاري ويئي. 18 مهينن کان پوءِ هن ٻي شادي ڪئي. پهرين جنوري 1879ع جي هڪ شام جو ايڊيسن جي ٺاهيل بلب رات کي ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. فرانس، انگلينڊ ۽ روس ۾ ٻيا به ڪيترائي سائنسدان اهڙين ڪوششن ۾ رُڌل هئا، پر انهن ڪاميابي نه ماڻي، جيڪا ايڊيسن جي حصي ۾ آئي. هن پنهنجي حياتيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين ڪم ڪيو. 1882ع ڌاري هن دنيا جو پهريون روشنيءَ جو مرڪزي بجلي گهر ٺاهيو. هن جي عمر چوراسي سالن کي پهتي، پر شايد ڪو هڪڙو به ڏينهن هن عظيم انسان اجايو نه وڃايو. ٿامس ايڊيسن چرپر ڪندڙ تصوير ۽ آواز کي گڏ محفوظ ڪري ڏيکاريو ۽ ’ڪائنيٽو اسڪوپ‘ (سئنيما جو شروعاتي نمونو) پيش ڪيو. ايڊيسن موت کان نه ڊڄندو هو، ۽ ان کي نئين زندگيءَ جي ابتدا ڄاڻندو هو، جتي اڃا به وڌيڪ تجربا ڪري سگھجن ٿا. سندس آخري لفظ هي هئا: ” مون پنهنجو ڪم ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻيءَ دنيا ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ سندس موت ويسٽ اورنج نيو جرمنيءَ ۾ 1931ع ۾ ٿيو. سوين ايجادون ٿامس ايڊيسن جو ڪارنامو آهن، جن ۾ ريلوي سگنل، ٽائپ جون مشينون، ڊائنوما بيٽريون، برقي گولو وغيره اچي وڃن ٿيون. هو پنهنجي ڪاوشن ۽ سائنسي ايجادن جي ڪري دنيا ۾ سدائين زنده رهندو .


لفظ ٿامس ايڊيسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1847.02.11  عيسوي

ايڊيسن ، 11 فيبروري 1847ع تي ميلان شهر ۾ پيدا ٿيو .


1931.00.00  عيسوي

ٿامس ايڊيسن 1931ع ۾ گذاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسماعيل چانڊيو
ڀاتکنڊي وشنو نارائ
حميره علواڻي
شاهه بهارو
سميع الله ڪلهوڙو
اعجاز علي بيگ مرزا
پير ڇٽو
شيخ ارشاد
پائلو بياجي
جوهي چاولا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون